اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل پاڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسي??يش?? کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما عطيي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پار??يء?? جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگ??يء?? حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل پاڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسي??يش?? جي وائيس چي??رمين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي دوستي هر ايندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ وزيراعظم جي رليف فنڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن.