اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان تاجڪستان جو صد?? امام علي رحمان وزيراعظم ??ائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ??ين??ي. ملاقات کان پهرين تاجڪ صدر کي ??اڪستان جي هٿيار بند فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويندو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ??ين??يون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ ياداشتن تي صحيون به ??ين??يون. معاهدن تي صحيحن جي تقريب پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏکاري ويندي. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ٽاڪ به ڪندا. وزيراعظم تاجڪ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.