اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻ??ن جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي جي فيصلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻ??ن جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي بابت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته هر مرد ۽ عورت کي اسلام جي حڪ??ن موجب تعليم حاصل ڪرڻ ??و فطري حق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عملدارن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.