اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زر??اري اقتصادي تعاون تنظيم جي اي سي او ڪائونسل ??ف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ان تقريب ??و ٿيم ”رابطن کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. جيڪو ??اڪستان جي لاءِ خصوصي دلچسپي ۽ اهميت رکندڙ آهي.