سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي باور ڪرائڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي ان جو حقِ خوداراديت ڏيڻ کان لاڳيتو انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪاري ڏينهن ملهائڻ جي ??پيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي برداريءَ کي اه?? پيغام ڏئي سگهجي ??ه ڀارت جنهن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق ختم ڪيا آهن ۽ ان کي والاريل علائقي ۾ پنهنجو يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق حاصل نه آهي. صداءِ مظلومين، ڄمون ڪشمير ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، تحريڪ آزادي ڄمون ۽ ڪشمير، ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن ال??ئنس، ڄمون ۽ ڪشمير پوليٽيڪل ريزسٽنس موومينٽ ۽ يوٿ فريڊم فائٽرز پنهنجي ??يانن، پيغامن ۽ پوسٽرن ذريعي سرينگر ۽ وادي ڪشمير جي ٻين علائقن جي ??وام کان ڀارتي يوم جمهوريه جي ??رڪاري تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي گهرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن تي ??ارا جهنڊا ڦڙڪائڻ جي ??پيل ڪئي آهي. ان حوالي سان والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي ??ان مسلسل پوسٽر لڳايا پيا وڃن.