اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ترڪيه ۽ شام زلزلي متاثرين بابت وزيراعظم فنڊ جي لاءِ ايس ايم ايس جي ذريعي عطيو ڏيڻ جي سهولت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب موبائيل صارفين 9977 تي Fund لکي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ 10 رپين جو عطيو ڏئي سگهن ٿا. عطيو ڪيل رقم فوري طور تي وزيراعظم جي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم ڪي?? فنڊ ۾ جمع ٿي ويندي.