??اه??ر – 03 – مارچ (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري مخدوم هائوس ماڊل ٽائون ۾ اڳوڻي گورنر ۽ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ محمود، قومي اسيمبلي ميمبر مصطفيٰ محمود ۽ عثمان محمود پڻ موجو هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري کي مخدوم سيد احمد محمود ڏکڻ پنجاب جي سياسي صورتحال بابت بريفنگ ڏني جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري ۽ مخدوم احمد محمود جي وچ ۾ چونڊن بابت صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان پيپلزپارٽي اڳواڻ عرفان گرديزي ۽ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي چيف ڪو??رڊينيٽر ??بد??لقادر شاهين پڻ ملاقات ڪئي.