اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪست??ن ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 1940ع ۾ اڄ جي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي ۽ هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو، جتي اهي اسلامي نظرين موجب آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪست??ن ڏهاڙي 23 مارچ 2023ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان باني پاڪستان ج?? جي جدوجهد ۽ قرباني جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو، کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ، هندوتوا واري وڌندڙ لهر ۽ مسلمان?? جي خلاف تشدد، انساني حق?? جي خلاف ورزين ۽ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ظلم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان وقت جي مسلمان قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين ??و جائزو وٺڻ جي به ياد ڏياري ٿو. آزادي جي وقت اسان مهاجر?? جي آبادڪاري ۽ بحالي، نئين وجود ۾ رياست جي آئيني ۽ انتظامي مسئلن، سلامتي جي خطرن، نئين ??ياست کي مضبوط سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جهڙا ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا، انهن چئلينجز جي باوجود اسان پنهنجي مسلسل محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اسان رياستي ادارا قائم ڪيا، پنهنجي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاو?? جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته اسان کي قانو?? جي حڪمراني يقيني بڻائڻ، جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ، پنهنجي معاشري ۾ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خصوصي ماڻه?? جي حق?? جي فراهمي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، پنهنجي شهري?? جي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسا?? جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي منهنجو پڪو يقين ??هي ته اسان پاڪستان کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ??ا. ??در چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط سان ڪم ڪندا رهنداسين ??ه اسان پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ??ا. ??لله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.