اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع پاڪستان جي سياسي تاريخ جو نه وسارڻ جهڙو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي پارلياماني، وفاقي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل ??ئي?? سان نوازيو ويو، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جمهوري، وفاقي، اسلامي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل ??ئي?? جي حقيقي روح جي لاڳو سان جڙيل آهي، ??ن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياس?? پختگي ۽ دانشمندي کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن جي سياسي دانش ان قوم کي 1973ع جي متفقه ??ئي?? سان نوازيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ئي?? جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ??ئي??ي يادگار جو پيڙهه جو پٿر، شهيدن جي يادگار تي حاضري ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ ??ئي?? جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اتفاق راءِ تي ٻڌل 1973ع جي ??ئي?? جي منظوري پاڪستان جي سياسي تاريخ جو همشه لاءِ ياد رکڻ جهڙو لمحو آهي. هن چيو ته ??ئي?? ۾ بيان ڪيل اصول اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني پاڪستان جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ هي اهي ئي اصول هئا جن جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان جي پهرين ??ئي?? ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڪيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته هي سندس سياس?? پختگي ۽ دانشمندي هئي جنهن قوم کي اهو مقدس دستاويز عطا ڪيو. هن چيو ته ??ئي?? قومي اتحاد ۽ سياسي اتفاق راءِ جو منفرد نمونو آهي جنهن تي عمل ڪري ئي ملڪ کي سياسي ، معاشي ۽ سماجي چئلينجز مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن ??ئي?? جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته 10 اپريل کي 14 آگسٽ وانگر قومي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ??ئي??ي يادگار جي تعمير هڪ انتهائي اهم ۽ مثبت قدم آهي. هن ??ئي?? جي يادگار جي تعمير لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهراهه دستور تي ڊي چوڪ تي تعمير ٿيندڙ يادگار سان گڏ ”باغ دستور“ پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان ب??غ جي تعمير سان نه رڳو شهرين کي هڪ خوبصورت تفريحي مقام ميسر ايندو پر اسلام آباد جي رهواسين لاءِ يادگار دستور جي سير جو جواز به فراهم ٿيندو. هن چيو ته ??ئي?? جي يادگار جي تعمير سان نوجوان نسل ۾ شعور اجاگر ٿيندو. هن چيو ته هي يادگار شاندار تاريخ ۽ انهن سياسي اڪابرن ??ي عڪاسي ڪندي جن جي محنت ۽ سياسي بصيرت پاڪستان کي ??ئي?? سان نوازيو هن چيو ته هي واحد دستاويز آهي جيڪا وفاقيت، بامعنيٰ جمهوريت، اسلامي تشخص، انفرادي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن ??ان گڏ ??ئي?? جي بالادستي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ گمنام هيروز جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ يادگاري ٽپال ٽڪيٽ، ??ئي?? ساز جي هر لمحي جي عڪاسي ڪندڙ تصويري نمائش، ??ئي?? جي اصل رسم الخط جي نمائش ۽ گولڊن جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڪتابن جي نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.