اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوڊان مان پاڪستانين جي حف??ظت سان ڪڍڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي هدايت ڪ??ي آهي ته سڀني پاڪستانين جي حف??ظت سان واپسي تائين ڀرپور جذبي سان ڪم جاري رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستانين جي سوڊان مان حف??ظت سان وطن واپسي تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستانين جي واپسي جي آپريشن ۾ شريڪ آءِ ايس آءِ سميت سڀني فورسز کي خراج تحسين به پيش ڪيو. وزيراعظم 847 پاڪستانين جي حف??ظت سان سوڊان جي بن??رگ??هه پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 107 پاڪستانين جي جده پهچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جده ۾ سرڪاري رهائش ۽ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پاڪ فضائيه جي انتظامن کي به ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سوڊان ۾ پاڪستاني سفير مير بهروز ريگي، هيڊ آف چانسلري محمد سعيد، ڊفينس اتاشي ڪرنل محمد هارون، ڪمرشل اتاشي عطاءُ الله کي به خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي محمد بل???? شفيق ۽ راشد خان کي به خصوصي شاباس ڏني. وزيراعظم ٽيم کي هدايت ڪئي ته سوڊان مان سڀني پاڪستانين جي حف??ظت سان واپسي تائين ڀرپور جذبي سان ڪم جاري رکن.