اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه ??کيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي ن?? هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه ??کيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ان جي حربن تي ڪا حيراني ن?? آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلسل رياستي ادارن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي ترغ??ب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ??رڪ“ هلائي ٿي، عمران نيازي جي سڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.