اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمت ياداشتن تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهبازشريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اط??اعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، هوابازي ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير بشير چيما ۽ وزيراعظم ??و خاص معاون طارق فاطمي کانسواءِ چين?? وفد جا ميمبر پڻ موجود هئا.