اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان وقت ??ان وٺي هيستائين ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي لاءِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آب??دي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آب??دي کي راءِ جي حق ??ان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ار??دي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ موج??ده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لاءِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي آب??دي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر بني??دي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آهي. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن ??ان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. ا??هن سمورن عملن جي باوجود ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي آز??دي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آز??دي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ا??هن بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ ا??هن کي ڀارتي قبضي ??ان آز??دي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي ا??هن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ ??ان انڪار هن پوري خطي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آز??دي جي جدوجهد جي جائز ۽ منصفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان ا??هن جو آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته ڀارت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع ??ان هيستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لاءِ زور ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.