اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران و??يراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن ک?? برقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان م??دنيات جي حوالي سان و??يع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي جي حوالي سان فائ??و کڻي سگهجي ٿو. نگران و??يراعظم چيو ته معدنيات سان م??لا م??ل علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن و??يلن م??ن موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان و??يراعظم کي صوبي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.