اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران سيٽ اپ چونڊ ع??ل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اهڙن آفيسرن ۽ سياسي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني واپاري سرگرمين ۾ م??وث هئا، لاڳاپيل عملدار انهن جي خلاف ثبوت پڻ حاصل ڪري رهيا آهن جن کي عدالتن ۾ پيش ??يو ويندو، جنهن سان انهن کي سزا ٻڌائي ويندي، هن يقين ڏياريو ته اهڙين سرگرمين ۾ م??وث سمورن ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام دوران ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايراني تيل جي اسمگلنگ جي معاملي ۾ ڪيترائي بيوروڪريٽس ۽ سياسي شخصيتون م??وث آهن. ماضي ۾ سياسي شخصيتن سرحدي علائقن ۾ واپار جي اجازت ڏيڻ جو معاملو اٿاريو هو. انهن علائقن جا ڊپٽي ڪمشنرز تيل کڻي ويندڙ هر گاڏي جي چرپر جي لاءِ 200000 کان 250000 رپين جا ٽوڪن جاري ڪندا هئا. اهڙيون 20000 کان وڌيڪ گاڏيون غيرقانوني واپار ۾ م??وث آهن، جنهن سان غيرقانوني آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊالر جي غيرقانوني واپار جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هن سخت قدمن جي ذريعي ان واپار کي عملي طور تي موجوده قانون لاڳو ڪرڻ جي ذريعي روڪيو. اسان اهڙي طرح جي غيرقانوني سرگرمي جو نالو تبديل ڪري ان کي ”غيرقانوني واپار“ قرار ڏنو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان ان سلسلي ۾ هڪ سنگ ميل حاصل ??يو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي ڊالر کي مختلف ڪرنسين ۾ تبديل ڪري پوري خطي ۾ ڦهلايو ويو، جنهن سان هڪ شيطاني چڪر شروع ٿيو جيڪو گذريل ڏيڍ سال کان ڪم ڪري رهيو هو، جنهن کي هاڻي عملي ڪريڪ ڊائون، قانون ۽ بارڊر مئنيجمينٽ ذريعي ٽوڙيو پيو وڃي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ??يو ته پاڪستاني رپيو وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ملڪ ?? چونڊون منعقد ڪرڻ بابت هن راءِ ڏني ته چونڊون جنوري جي وچ يا جنوري جي آخر تائين ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن تي آهي. هن چ??و ته نگران سيٽ اپ چونڊ ع??ل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته تڪبنديون هڪ آئيني عمل آهي، صدر ان سلسلي ۾ اي سي پي کي مشورو به ڏنو هو ۽ ڪميشن ان تي غور ڪندي. نگران وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ناڻي واڌ جو تعلق شين جي طلب، پهچ ۽ ضروري خدمتن جي دستيابي سان آهي. هن چ??و ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ذريعي مصنوعي مهانگائي پيدا ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خلاف جاري آپريشنز جا ٺوس ۽ مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، هن کند جي قيمت ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏنو. معاشي بحالي جي حوالي سان هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن موجوده آرمي چيف کي قومي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. هن انهن سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي تي زور ڏنو جن کي خراب ٿيندڙ صورتحال درپيش آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ايندڙ حڪومت کي خدمتن جي تياري ۽ اضافي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مالي سڌارن جي پروگرام کانسواءِ سياسي پارٽين جو منشور نگران حڪومت جي مختصر مدي دوران ٿيندڙ ڪاميابين کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هن چ??و ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان واڳيل آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي آئيني ۽ قانوني شقن جون ڌڄيون اڏائڻ کانسواءِ قانوني رستي سان سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي. 9 مئي جي واقعن بابت هن چ??و ته ڪاوڙ ۾ اچي ڪير پنهنجي ئي گهر کي ڪيئن باهه لڳائي سگهي ٿو. اهڙين حرڪتن ۽ طرزع??ل ۾ ڪو منطق نه هو ۽ اهو قابل قبول نه آهي. هن زور ڏئي چيو ته جيڪڏهن آئون پي ٽي آءِ (پاڪستان تحريڪ انصاف) جو حصو هجان ها ته آئون اهڙين حرڪتن جي حقيقي مذمت ڪريان ها ۽ پارٽي کي ڀڃ ڊاهه کان پري ڪريان ها. پي ٽي آءِ سربراهه جي ٽرائل بابت سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اهڙن معاملن جو فيصلو عدالتن تي ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي جي گرفتاري بابت هن چ??و ته اهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي آهي ته ڇا قانون ڪنهن کي هٿڪڙي لڳائڻ جي اجازت ڏي ٿو يا نه. پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پاڪستان واپسي بابت هڪ سوال بابت هن چ??و ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فيصلو ڪندا ته ڇا ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو يا ٻي صورت ۾ قانونن موجب عمل ??يو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هو رڳو ان صورت ۾ مداخلت ڪندا جڏهن قانونن جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي. ايندڙ چيف جسٽس آف پاڪستان جي آجيان ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته هو کيس پنهنجي اباڻي صوبي بلوچستان جي هڪ روشن خيال شخصيت سمجهي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته هو عدالتي سڌارن جي شروعات ڪندو. نگران وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪي فوج افغان نيشنل آرمي کي تربيت ڏني ۽ افغانستان ۾ کربين ڊالر خرچ ڪيا پر انهن جي انخلا کانپوءِ افغان نيشنل فورس تيزي سان گم ٿي وئي ۽ انهن کي ڏنل هٿيار به گم ٿي ويا. هاڻي اهي ئي سڄي دنيا ۾ بليڪ مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. هن چ??و ته ٽي ٽي پي، داعش ۽ بي ايل اي جهڙين دهشتگرد تنظيمن پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اهڙا هٿيار استعمال ڪيا آهن. افغان رهواسين جو هڪ وڏو انگ جيڪو بنا دستاويزن يا جعلي دستاويزن جي پاڪستان ۾ رهي ٿو انهن کي فوري طور تي واپس موڪليو ويندو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي به اتفاق ??يو ته سڀني جو شفاف احتساب ٿيڻ گهرجي پر ان کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪرڻ ختم ٿيڻ گهرجي.