اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گهٽ کان گهٽ وقت ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان مقصد جي لاءِ گذريل ٽن سالن ۾ تيزي سان ڪم ڪيو آهي ۽ گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا بنيادي ڪم مڪمل ڪا پيا وڃن، اسان لوڊشيڊنگ ف??ي پاڪستان جي لاءِ صحيح رخ ۾ گامزن آهيون. هن اها ڳالهه توانائي ??اب?? ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري اجلا?? کي هلندڙ موسم ۾ گرمي پد ۾ جلد اضافي ۽ ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ سبب بجلي جي طلب ۾ اضافي ??اب?? آگاهه ڪيو، اجلا?? کي بجلي جي طلب ۽ رسد ??اب?? ٻڌايو ويو.