اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مختلف وزارتن ۽ کاتن پاران عوامي ڀلائي جي لاءِ ک??يل مختلف قدمن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سمورن وزيرن، صل??حڪ??رن ۽ خصوصي معاونن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ نوان قدم تجويز ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪيترائي معام??ا اهڙا آ??ن جن تي ڪو خرچ ڪرڻ کانسواءِ رڳو انتظامي قدمن سان عوام کي سهولت پهچائي سگهجي ٿي. رپورٽ ۾ مختلف وزارتن ۽ کاتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان هيستائين 64 نون قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.