اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران آمر??ڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آ??ي، اسان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آ??ي، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمر??ڪا ايران تڪرار وڌيو ته تيل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي امن تي ان جا منفي اثر پوندا، اسان سڀني جي اولين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آ??ي، پاڪستان اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف ??ار??ن اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آ??ي، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.