اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪ??ونا جهڙي وبا جي خلاف ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽاف اسان جو هر اول دستو آهي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي هر حال ۾ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن جي ضرورتن موجب حفاظت?? سامان فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم تعميراتي شعبي جي بحالي جا ثمر هيٺئين طبقي خاص طور تي مزدورن تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوال?? سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.