لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا و??ئرس ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکنديون آهن، جيڪا و??ا آئي ڪو به ملڪ ان جي مقابلي لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، رينجرس ?? عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ ي??نيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي نجي شعبي سان حصيداري کي ساراهيو.