اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪي معيشت ۽ ترقي کي نشانو بڻائڻ وارا پنهنجي ناپاڪ ڏ??هن ۾ ناڪام رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو آهي ته پنهنجي جان تري تي رکي عوام جي زندگين جو تحفظ ڪندڙ ۽ حملي کي ناڪام بڻائيندڙ اسان جا قابل فخر هيرو آهن، هن چيو ته شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي تع??يت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.