اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اينڊ ??پر??شن سينٽر قائم ڪرڻ جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ ??ي موقعي تي اين سي او سي جو دورو ڪيو. وفاقي وزير، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. پي ايم آفيس ??ي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم کي ڪوويڊ 19 ??ي موجوده صورتحال ۽ ان جي ڦهلاءُ بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تحت صحت ۽ معاش جي وچ ۾ توازن، م??ڪي معيشت کي جاري رکڻ ۽ ڪورونا جي وبا جي روڪٿام جي ڪوششن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي ??ي مسئلن جي حل جهڙن قدمن جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف جي عالمي اقتصادي جائزي موجب 30 ملڪن جي گروپ ??ان پاڪستان امڪاني ڊائون ٽرن کي منفي 0.4 ??ان 1.1 تي واپس آندو آهي. پاڪستان جو روانگي واپار جولاءِ 2019ع کان مئي 2020ع دوران خطي جي ٻين ملڪن کان تمام بهتر رهيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي وبا جي خلاف موثر ردعمل ۽ سڄي ملڪ ۾ ٺوس قدم يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين سي او سي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اين سي او سي ڪوورنا جي خلاف صورتحال جي روزاني جي بنياد تي مانيٽرنگ، صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ، اعتبار جوڳي ڊيٽا بيس جي تياري ۽ مناسب ايس او پيز جي جوڙجڪ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ڪورونا جي صورتحال ۾ ايس او پيز جي پيروي ڪرڻ ۽ وبا جو چئلينج طور گڏ??ي مقابلو ڪرڻ تي پوري قوم کي ساراهيو.