اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقع?? کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ??مران خان چيو ته مو?? کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مو?? کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿي?? ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقع?? کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.