اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??با جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پبلڪ ??را??سپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿيٽرز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ کان کوليا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ کان سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگسٽ کان جمز، ٿيٽرز ۽ سئنيما هالز پڻ کوليا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي ??ئي ??ڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کول?? سگهن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز کول?? سگهجن ٿا. پبلڪ ??را??سپورٽ کي پڻ کوليو پيو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کان کوليا پيا وڃن جڏهن ته م??ار?? کي پڻ کوليو پيو وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کان عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿيو، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ناهي ٿيو، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪر?? سگهن ٿا. هن چيو ته موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.