اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ايم??جن??ي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال جي نئين ايم??جن??ي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصوصي صلاحڪار وزيراعظم ک?? ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايم??جن??ي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، خصوصي صلاحڪار ٻڌايو ته ايم??جن??ي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طريقيڪار سان ايم??جن??ي مريض ۽ اسپتال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.