سنڌيڪار: صنم جوڻيجو/روپ ميگهواڙ
خيبرپختونخوا جا لکين ما??هو خاص طور غريب، لاچار ۽ محروم طبق?? جي لا??ِ علاج جي مفت سهولت هڪ وڏي نعمت ثابت ٿي آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صوب?? جي غريب عوام علاج جي وڏن خرچن ۾ پيڙهجي رهي هئي ۽ انهن جي اڪثريت مناسب علاج کان محروم رهجي ويندي هئي، صحت انصاف ڪارڊ سان نه رڳو انهن کي علاج جي معياري سهولت ميسر ايندي پر مشڪل سان گهر جو خرچ هلائيندڙن تي هاڻي مالي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو، معاشر?? جي لاچار طبقي لا??ِ صورتحال ان وقت افسوسناڪ ٿي ويندي آهي جڏهن انهن کي علاج ۽ ماني مان هڪ شيءَ چونڊڻي پوي، ان صورتحال ۾ هو علاج بدران ٻارن جو پيٽ پالڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ علاج جي لا??ِ هو وڏي وياج تي قرض وٺڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. مالي مشڪلاتن جي ڪري هو عطائين جي ور چڙهي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جا مرض لا علاج شڪل اختيار ڪري ويندا آهن.
ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي ناڻي ۽ صحت واري وزير تيمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته خيبرپختونخوا ملڪ جو پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جتي ان جي سڀني رهواسين کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي ”صحت جي سهولت سڀني لا??ِ“ جي ويزن موجب صوب?? جي سئو سيڪڙو آبادي کي رڪارڊ ٽن مهينن اندر اها سهولت فراهم ڪئي وئي، هن چيو ته مفت علاج کانسواءِ صوب?? جي 280 اسپتالن ۾ اينٽي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. شروعاتي طور تي وفاق پاران صوبي کي 16 هزار ويڪسين خوراڪ مليون هيون، جيڪي ڪورونا جي خلاف اڳين صف ۾ وڙهندڙ صحت کات?? جي عملي کي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته اينٽي ڪورونا ويڪسين جي لا??ِ اڍائي هزار عمل?? جي تربيت ڪئي وئي آهي ۽ 64 هزار کان وڌيڪ ورڪرز مريضن کي ويڪسين ڏيڻ لا??ِ پهرين کان ئي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي پي ٽي آءِ جي منشور جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج (يو ايڇ سي) موجب سڀني ما??هن کي صحت پلس ڪارڊ (ايس پي سي) ڏنا ويا آهن. چترال کان ڊي آءِ خان، سڀئي ضلعا يو ايڇ سي ۾ ۽ 400 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ نجي اسپتالون ايس پي سي پروگرام جي لسٽ ۾ شامل آهن. صوب?? جي 7 ڏکڻ ضلعن ۾ ايس پي سي جو ٽيون ۽ فائنل راوئونڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل اسپتالن ۾ علاج جي مفت سهولت جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي.
ايس پي سي تحت هر مستحق خاندان هڪ سال ۾ 10 لکن تائين مفت علاج جي سهولت مان فائدو وٺي سگهي ٿو ۽ ان پروگرام مان 4 ڪروڙ ما??هو فائدو وٺي سگهن ٿا. ڏکڻ ضلعن ۾ صحت ڪارڊ پلس پروگرام جي جاري ٿيڻ کان پهرين اهو منصوبو مالاڪنڊ، هزاره ۽ پشاور زون ۾ شروع ڪيو ويو هو، پشاور جي 28 اسپتالن سميت خيبرٽيچنگ اسپتال، حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس، ليڊي ريڊنگ اسپتال، ارنم پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي نصير الله بابر ٽيچنگ اسپتال، رحمان ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ، نارٿ ويسٽ ٽيچنگ اسپتال، جناح ٽيچنگ اسپتال، فوجي فائونڊيشن اسپتال ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز ان پينل ۾ شامل آهن.
ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم ٻڌايو ته ايس پي سي تحت سرڪاري شعب?? جي اسپتالن ۾ مفت علاج جي سهولت شروع ڪئي وئي آهي جتي مريضن جي سهولت لا??ِ خصوصي ”ايس پي سي“ ڪائونٽرز قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ايس پي سي تحت دل جي مريضن کي مفت اسٽنٽ فراهم ڪيا پيا وڃن، جنهن جي لا??ِ ماضي ۾ ٽن کان پنج لک روپين تائين ادا ڪرڻا پوندا هئا، هن وقت ايل آر ايڇ ۾ دل جي مرض جا 40 مريض داخل آهن جنهن مان ڪيترن ئي کي اسٽنٽ لڳايا ويا آهن. تفصيلن موجب چترال جون 6 اسپتالون، دير اپر جون 2، لوئر دير جون 8، مالاڪنڊ جون 7، سوات جون 14، بٽگرام جون 5، مانسهره جون 3 ايبٽ آباد جون 10، بونير ۽ هريپور جي هڪ هڪ، صوابي جون 14، مردان جون 13، نوشهره جون 8، چارسده جون 5، ڪوهاٽ جون 2، هنگو جون 5، بنون جون 6، لڪي مروت جون 4، ڊي آءِ خان جون 6 اسپتال پينل تي وڌيون ويون آهن.
قبائلي ضلعي مهمند جي هڪ مريض جي سارسنڀال ڪندڙ محمد اي پي پي کي ٻڌايو ته سندس ماءُ کي ليڊي ريدنگ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس پنج هزار روپين جي ماليت جون دوائون مفت فراهم ڪيون ويون، ان کان پهرين اهي خرچا اسان پنهنجي کيسي مان ڪندا هئاسين پر هاڻي ايس پي سي تحت اسان جو علاج مفت ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته عمران خان ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن غريبن جو ڏک سمجهندي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي. هڪ ٻي مريض جي سارسنڀال لهندڙ قيصر نديم چيو ته سندس ڀيڻويو ايل آر ايڇ ۾ داخل ٿيو هو ۽ ان کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، اهو صوب?? جي عوام لا??ِ هڪ وڏو تحفو آهي، پروگرام کي ڪاميابي سان هلائڻ لا??ِ خيبرپختونخوا حڪومت 21 – 2020ع جي بجيٽ ۾ 18 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ته جيئن صوب?? جي لکين ما??هن کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ ۾ رنڊڪ نه اچي، ان پروگرام مان اهي سڀئي ما??هو فائدو وٺي سگهن ٿا جن وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ۾ مستقل پتو هتي جو هجي. نوشهره جي ڪينسر جي هڪ مريض خورشيد خان ٻڌايو ته ڪينسر جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ جنهن تڪليف مان آئون گذريو آهيان ان کي ڪير به محسوس نٿو ڪري سگهي، ان موذي مرض جي علاج جي لا??ِ مون پنهنجي سڄي جمع پونجي خرچ ڪري ڇڏي.
هن چيو ته هاڻي آئون تمام گهڻو خوش آهيان ڇاڪاڻ جو هيلٿ پلس ڪارڊ تحت هاڻي مون جهڙن مريِضن کي علاج جي مفت سهولت ميسر ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪينسر جي مريض لا??ِ صوبائي حڪومت پاران 10 لک روپين تائين علاج جي فراهمي تمام وڏي ڳالهه آهي ان جي لا??ِ مون جهڙي مريض عمران خان ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان، ڪينسر کانسواءِ ڪڊني ٽرانسپلانٽ، دل جي مرض ۽ ٻين دائمي مريضن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.
اها هڪ پراڻي ۽ گهڻي ضرورت هئي پر ماض?? جي حڪومتن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ائين نه ڪيو. تنهن هوندي به اهو پي ٽي آءِ جي حڪومت جو ڪارنامو آهي ته هن صوب?? جي لکين ما??هن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ لا??ِ اهو شاندار قدم کنيو آهي.