اسلام آباد – 10 جون (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رک?? ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي فراهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرع?? پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رک?? ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.