اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار برداري وزيراعظم عمران خان جي ??وثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي ??تيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي 80 کان 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آبادگارن جي ??مائندن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي ??يادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آبادگارن جي ??فادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آبادگارن جي ??فادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آبادگارن جي ??مائندن سان ڳا??ها??يندي وزيراعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن آبادگارن جي ??مائندن کي خاطري ڪرائي ته آبادگارن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي ??سيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي ??انون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي ??يروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي س??هي. وزيراعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي ??ول جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي س??هي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي س??هي. وزيراعظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي ??عمتن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي