اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان آمريڪا سان مهذب لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، نائين اليون کانپوءِ اهو تعلق هڪطرفو هو، آمريڪا چاهيو ٿي ته پاڪس??ان امداد جي بدلي ڳالهه مڃي، طالبان بنيادي طور تي هڪ پشتون تحريڪ آهي، افغانس??ان مان آمريڪا جي نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ طالبان تي اسان جو اثر رسوخ گهٽ ٿي ويو، طالبان جيڪڏهن فوجي فتح جو رستو اختيار ڪيو ته ڊگهي جنگ ڇڙي سگهي ٿي، جنهن سان اسان به متاثر ٿينداسين، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ڀارت سان معمول جا لاڳاپا بحال نٿا ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور?? آمريڪي اخبار ”نيويارڪ ٽائمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جو پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي مقابلي ۾ آمريڪا سان وڌيڪ ويجهو تعلق رهيو آهي، نائين اليون کانپوءِ پاڪس??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان شموليت اختيار ڪئي، هاڻي جڏهن آمريڪا افعانس??ان مان واپس وڃي رهيو آهي پاڪس??ان هڪ مهذب تعلق جو خواهشمند آهي، جهڙو قومن جي وچ ۾ هوندو آهي، اسان آمريڪا سان پنهنجي واپاري لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ وضاحت ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان اهڙي لاڳاپن جو خواهشمند آهي جهڙا آمريڪا ۽ برطانيه يا آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ هن وقت قائم آهن، اسان اهڙا لاڳاپا چاهيون ٿا جيڪي برابري جي سطح تي هجن. هن چيو ته ??دقسمتي سان دهشتگردي جي خلاف جنگ دوران اهو تعلق برابري جو نه هو. آمريڪا اهو سمجهيو ٿي ته هو پاڪس??ان کي امداد ڏئي رهيو آهي ان لاءِ پاڪس??ان ک?? آمريڪا جي ڳالهه مڃڻي پوندي ۽ پاڪس??ان آمريڪا لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي ان انساني جانين جي صورت ۾ وڏي قيمت چڪائڻي پئي، پاڪس??ان ان جنگ ۾ 70 هزار جانين جي قرباني ڏني ۽ ملڪي معيشت کي ان سان 150 ارب ڊالر جو نقصان پهتو، دهشتگردي جي خلاف جنگ جي ڪري خودڪش حملا ۽ ملڪ ۾ جڳهه جڳهه تي بم ڌماڪا ٿيا، وزيراعظم چيو ته ه??ان کان مسئلن جي شروعات ٿئي، آمريڪا پاڪس??ان مان وڌيڪ اميدون لڳائي رکيون ۽ بدقسمتي سان پاڪستاني حڪومتن اهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي هو صلاحيت نه رکنديون هيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ هئي ۽ پاڪستاني عوام اهو سمجهيو ته هنن آمريڪا سان لاڳاپن جي وڏي قيمت چڪائي آهي ۽ آمريڪا اهو سمجهي ٿو ته پاڪس??ان گهڻو ڪجهه ناهي ڪيو تنهن ڪري اهڙي طرح سان اهو هڪ طرفو تعلق هو. وزيراعظم چيو ته ??سان مستقبل ۾ اهڙو تعلق چاهيون ٿا جنهن جو بنياد اعتماد ۽ گڏيل مقصدن تي هجي ۽ هن وقت ايئن ئي آهي يعني افغانس??ان ۾ اسان جا مقصد اڄ بلڪل هڪجهڙا آهن، وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته پاڪس??ان جو افغانس??ان مان آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ ان سان اهو اسرندڙ ??علق جاري رهندو؟ جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??ئون ان باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهان، مون ان حوالي سان ان طرح ناهي سوچيو. رياستن جي وچ ۾ تعلق گڏيل مفادن جي بنياد تي هوندو آهي، پاڪس??ان وڌيڪ نوجون آبادي تي مشتمل 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي جيڪو مستقبل لاءِ هڪ لحاظ کان اهم مقام رکندڙ ??هي، جيڪڏهن اسان جو ڀارت سان تعلق ڪنهن مرحلي تي بهتر ٿئي ٿو جنهن جي لاءِ آئون پُراميد آهيان ته ٿيندو جيتوڻيڪ پاڪس??ان جي هڪ طرف سڀ کان وڏي مارڪيٽن ۾ هڪ مارڪيٽ موجود آهي ۽ ٻي طرف چين آهي، اهڙي طرح اسان جي ڀرپاسي ۾ ٻه وڏيون منڊيون موجُود آهن ۽ پوءِ توانائي لنگهه به موجود آهن جنهن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، اهڙي طرح پاڪس??ان اقتصادي لحاظ کان مستقبل ۾ اهم سگهارو مقام رکندڙ ??هي، وزيراعظم پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ فوجي ۽ سلامتي لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته ??فغانس??ان مان آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ مون کي خبر ناهي ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ فوجي لاڳاپا ڪهڙي نوعيت جا ه??ندا ڇو ته پاڪس??ان افغانس??ان ۾ خوني گهرو ويڙهه نٿو چاهي ۽ مون کي يقين آهي ته ??مريڪا به افغانس??ان ۾ هڪ يا 2 کرب ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ نٿو چاهي ته هي ملڪ شعلن ۾ جلندو رهي ان لاءِ اسان جا مقصد گڏيل آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان طالبان تي پنهنجو وڌ کان وڌ اثر ۽ رسوخ استعمال ڪيو، هن چيو ته پاڪس??ان انهن ٽنهي ملڪن مان هڪ آهي جنهن 1996ع کانپوءِ طالبان کي تسليم ڪيو، وزيراعظم چيو ته ??فغانس??ان مان آمريڪا جي نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ طالبان تي اسان جو اثر رسوخ گهٽ ٿي ويو آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته ??يئن ئ?? آمريڪا جي نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ٿيو طالبان فتح جي دعويٰ ڪري ڇڏي، اهي سوچي رهيا آهن ته هنن جنگ کٽي ورتي تنهن ڪري هاڻي اهي پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا ۽ انهن تي اسان جو اثر رسوخ گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ??البان ڳالهين تي راضي نه ٿي رهيا هئا، اسان پنهنجي اثر رسوخ سان انهن ک?? آمريڪا سان ڳالهين ت?? آماده ڪيو ۽ افغان حڪومت سان ڳالهين لاءِ انهن تي دٻاءُ وڌو ۽ اهو تمام گهڻو مشڪل ڪم هو. وزيراعظم کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڇا پاڪس??ان هاڻي طالبان تي وڌيڪ اثر رسوخ نٿو رکي جنهن تي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان طالبان تي زور ڏئي رهيو آهي ته هو فوجي فتح جو رستو اختيار نه ڪن اهو ممڪن نه آهي ڇو ته ??يڪڏهن هو پنهنجي پوري قوت استعمال ڪري فوجي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ??ن سان هڪ ڊگهي گهرو ويڙهه ڇڙي سگهي ٿي ۽ افغانس??ان کانپوءِ جيڪو ملڪ ان صورتحال سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو اهو پاڪس??ان آهي، ڇو ته پاڪس??ان ۾ افغانس??ان کان به وڌيڪ پشتون آباد آهن ۽ طالبان جيتوڻيڪ بنيادي طور تي هڪ پشتون تحريڪ آهي، ته ??ن جا ٻه اثر پوندا، اسان کي خدشو آهي ته ??ن جي نتيجي ۾ پاڪس??ان ۾ پناهگيرن جو وڏو تعداد اچي ويندو جڏهن ته پاڪس??ان کي پهرين ئي 30 لک افغان پناهگيرن جو مسئلو درپيش آهي، وزيراعظم چيو ته مستقبل لاءِ اسان جو ويزن پنهنجي معيشت کي مٿي کڻڻ ۽ افغانس??ان جي ذريعي وچ ايشيا تائين واپار کي فروغ ڏيڻ آهي، اسان وچ ايشيائي رياستن سان بهتر واپاري لاڳاپن لاءِ معاهدا ڪيا آهن پر اسان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي صرف افغانس??ان جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ افغانس??ان ۾ گهرو ويڙهه جي صورت ۾ اهو سڀ بيڪار ٿي ويندو. افغانس??ان جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هن سال جي شروعات ۾ هن صدر اشرف غني سان ملاقات لاءِ افغانس??ان جو دورو ڪيو ۽ افغان حڪومت کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ کيس ٻڌايو ويو ته ??سان امن حل لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪنداسين،هن چيو ته ??سان جي انٽيلي جنس ايجنسين ۽ افغان انٽيلي جنس ايجنسينز، اسان جو آرمي چيف، افغان صدر ۽ ان جو آرمي چيف جي وچ ۾ سراسر ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، ان لاءِ اسان جي وچ ۾ مستقل رابطا جاري رهندا آهن، بدقسمتي سان افغان حڪومت ۾ اڃان تائين اهو تاثر آهي ته پاڪس??ان وڌيڪ قدم کڻي سگهي ٿو جنهن جي باري ۾ آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ??سان جي لاءِ اهو مايوس ڪندڙ ??هي، هو ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اسان تي ذميداري وجهي رهيا آهن ۽ اهو ته هو پاڻ ڪنهن حل تي نه پهتا آهن، ويراعظم عمران خان چيو ته ??البان جي خلاف فوجي طاقت استعمال ڪرڻ کانسواءِ اسان هر قدم کڻنداسين. هن چيو ته ??سان جي معاشري جي سمورن طبقن اهو فيصلو ڪيو آهي ته ??سان فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪنداسين. آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ??ئون فوجي ڪارروائي جي خلاف آهيان، وزيراعظم چيو ته ??ورابورا جي ويڙهه کانپوءِ افغانس??ان کان پاڪس??ان ۾ داخل ٿيندڙ ڪجهه سئو القاعده ويڙهاڪن کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا پاڪس??ان تي دٻاءُ وڌو ته هو پنهنجا فوجي قبائلي علائقن ۾ موڪلي، پوري سرحد مڪمل طور تي کليل هئي، پاڪ افغان بارڊر ڪڏهن ڪا سرحد نه هئي پر ان کي ڊيورنڊلائين سان سڃاتو ويندو آهي پر هاڻي ان تي ڪنڊيدار تار لڳائي رهيا آهيون جيڪا 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي پر جيڪڏهن طالبان طاقت سان افغانس??ان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ??ن صورت ۾ اسان سرحد کي سيل ڪنداسين ڇو ته ??سان ان وقت اهو ڪري سگهون ٿا، ان لاءِ اسان سرحد تي کاردار تار لڳائي آهي جيڪا ماضي ۾ کليل هئي، پاڪس??ان تڪرار ۾ نٿو پوڻ چاهي ۽ اسان پناهگيرن جي هڪ دفعو ٻيهر آمد نٿا چاهيون، هن چيو ته پاڪس??ان صرف افغان عوام جي چونڊيل حڪومت کي تسليم ڪندو، ڀارت جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??مورن پاڪستانين جي ابتڙ آئون ڀارت کي وڌيڪ ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ جيڪا هڪ وڏي راند آهي ان جي ڪري مون کي ڀارت کان محبت ۽ احترام مليو آهي. مون جڏهن وزارت عظميٰ جو منصب سنڀاليو ته مون سڀ کان پهرين ڀارتي وزيراعظم مودي کي چيو ته ??قتدار ۾ منهنجي اچڻ جو منهنجو وڏو مقصد پاڪس??ان مان غربت جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ بهتر رستو اهو هوندو ته ڀارت ۽ پاڪس??ان معمول جا واپاري لاڳاپا قائم ڪن جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو، اسان ان جي لاءِ ڪوششون ڪئي پر ان جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. آئون سمجهان ٿو ته هندو قوم پرست آر ايس ايس جو نظريو آهي جنهن سان نريندر مودي تعلق رکي ٿو جيڪو ان جي راهه ۾ هڪ ديوار بڻجي بيٺل آهي. هن چيو ته ??يڪڏهن ڀارت ۾ ڪا ٻي قيادت هجي ها ته هو ان سان هڪ بهترين تعلق قائم ٿي وڃي ها ۽ اسان سمورن اختلافن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪري وٺون ها. ڪشمير جي ساڳي حالت جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??ئون سمجهان ٿو ته ??هو ڀارت جي لاءِ تباهي آڻيندڙ هوندو ڇو ته ??ن جو مطلب اهو تڪرار برقرار رهندو ۽ جيترو عرصو ڪشمير جو تڪرار حل طلب رهي ٿو، اهو پاڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ معمول جي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ رهندو، ڀارت آمريڪا لاڳاپن ۽ خطي ۾ چين جي وڌندڙ ??ثرن بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??ئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ??ها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته ??مريڪا ۽ چين هڪٻئي جا حريف ڇو بڻجندا، جيڪڏهن اهي ٻئي وڏيون طاقتون، ٻئي وڏيون اقتصادي طاقتون هڪٻئي سان واپار ڪن ته ??ن جو دنيا کي فائدو ٿيندو ۽ ان جو اسان سڀني کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته ??سان کي چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان لاڳاپا رکڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جا چين سان پراڻا لاڳاپا آهن، چين پاڪستانن جو هڪ بهترين دوست آهي، چين دهشتگردي جي خلاف جنگ کانپوءِ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي دوران پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو. جڏهن اسان جو قرض وڌي ويا ۽ هي ان وقت ٿيندو آهي جڏهن هڪ ملڪ جنگ جي حالت ۾ هجي، واپاري سرگرميون بند ٿي ويون، صوبا ۽ قبائلي علائقا جنگ سبب تباهه ٿيا ۽ اهڙي موقعي تي چين پاڪس??ان جي مدد لاءِ آيو، هن چيو ته ??مريڪا ڇو اهو سوچيندو ته ڀارت چين جي خلاف ان جي دفاع جي لاءِ ڍانچي جي طور تي ڪردار ادا ڪندو، جيڪڏهن ڀارت پنهنجي لاءِ ڪو اهڙو ڪردار چاهي ٿو ته ??هو ان جي لاءِ نقصانڪار هوندو ڇو ته ڀارت جي چين سان واپار ٻنهي ڀارت ۽ چين جي لاءِ فائديمند آهي.