اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ٽر??نڊ?? هلائيندڙ ۽ ان جو دفاع ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا آهن، عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏهن ادارا مضبوط هجن، اسان کي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهر??ي ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ۾ اسان جي چوڌاري قلعو بڻائي ب??ٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين م??ڪ کي لُٽي??، وسيلا ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آهي ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي اهميت سان روشناس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.