اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت?? جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، شخص، معاشري ۽ رياست کي عورت?? جي حق?? جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪتاب ”دختران پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل هفتي عورتن سان ٿيندڙ ٻن واقعن سان تمام گهڻي تڪليف پهتي، مسلمان معاشري ۾ عورتن کي خاص مقام حاصل آهي، اسلام ۾ عورت?? جي احترام جي خاص تلقين ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عورت?? جي تحفظ لاءِ شخص، رياست ۽ معاشرو پنهنجي ذميواري ادا ڪر??، عورت?? جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورت?? جي معاشرتي تحفظ بابت قانون موجود آهن، عملدرآمد جي ضرورت آهي، ترقي يافته قومن ج?? صف ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بلند همت ۽ حوصلو ضروري آهي. هن چيو ته سماجي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ عورت?? جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته معاشري جي اصلاح ۾ عورتن جو اهم ڪردار آه??، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن کي وراثتي حق ملڻ گهرجن، ان حوالي سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ بهترين فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امدادي رقم انه?? جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ويندي. هن چيو ته بئنڪن عورتن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ رقم مخصوص ڪئي آهي پر تمام گهٽ عورتون ان مان فائدو کڻن ٿيون. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان قومون ٺهنديون آهن، عورت کي صحيح مقام ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ اسان جو مقصد آهي ۽ معاشري کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي خبر?? جي ڀرمار آهي. تقريب کي موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وومين ڊيولپمينٽ واري صوبائي وزير آشفه رياض فتيانه، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز، عالمي اسلامڪ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي ۽ سميعه راحيل قاضي پڻ خطاب ڪيو.