اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪ??تا?? ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آه??، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪ??تا?? جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آه??. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪ??تا?? کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آه??، قوم محسن پاڪ??تا?? ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مق??وض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آه??. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آه??ون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.