اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته صرف هلندڙ سال غير م??ڪي قرضن جي ادائيگي 12.27 ارب ڊالر ??هي ۽ تق??يب?? 12.5 ارب ڊالر جي ادائيگي 20.23ع ۾ ڪرڻي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنج سالن ?? مجموعي طور تي قرضن جون ادائيگيون تق??يب?? 55 ارب ڊالر هونديون جڏهن ته ن ليگ پنهنجي پنج سالن ۾ 27 ارب ڊالر جي ادائيگيون ڪيون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ رانا عمران سليم جي ٽوئيٽ جو جوا?? ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪارڪن ذاتي اختلافن کي پاسي تي رکن ۽ عمران خان جي قيادت ۾ پاڻ کي منظم ڪن، هن وقت جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪمزور ٿي ته ملڪ بگهڙن جي هٿ لڳي ويندو.