اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2030ع تائين ملڪ مان ٽي بي جي خاتمي جو هدف پورو ڪرڻ جي ??اءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي رهي آهي، ٽي بي جي ??رض جي ??قت سر تشخيص سان علاج ممڪن ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ??يڊيا آگاهي مهم ۾ هڪومتي ڪوششن جو ڀرپور ساٿ ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي بي جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عالمي ادارن جي ??مائندن، ??ارليامينٽ ميمبرن، طبي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ٽي بي جو ماضي ۾ علاج موجود نه هو، ٽي بي اهڙو مرض نه آهي جنهن کي لڪايو وڃي، تازي عرصي دوران صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن، ??وليو تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ به پوليو تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غذائي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. صدر چيو ته عالمي ادارن ٽي بي جي خاتمي لاءِ وڏو تعاون ڪيو، صحت ڪارڊ غريبن جي ??اءِ وڏي نعمت آهي. صدر چيو ته چين ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، پاڪستان کي ڪورونا جي اثرن کان بچائڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا تي ضابطو آندو، اميد آهي اي??دڙ سالن ۾ ٽي بي جي ??ريضن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته ٽي بي جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، بيمارين کان تحفظ بابت عوامي آگاهي جي ??اءِ سڄي ملڪ ۾ ادارا ڪوششن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بنائيندي ته عوام کي صحت جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت پڻ آگاهي وڌي رهي آهي، ميڊيا بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ماضي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڳالهه ڪرڻ به مشڪل هو جنهن جي ڪري عورتون ان موذي مرض جي جلد تشخيص ۽ علاج نه ڪرائي سگهنديون هيون، آگاهي مهم جي ??تيجي ۾ اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي. صدر چيو ته ٽي بي بابت ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ره??دڙ شهرين تائين پڻ پيغام پهچائڻ جي ضرورت آهي، ان سان وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٽي بي جي ??رض کان بچائي سگهجي ??و. هن چيو ته ماڻهن کي ٽي بي جي ??ريضن جي ذريعي آگاهي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ۾ گذريل سال پوليو جو رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هر سال ٽي بي جي ??ريضن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته صحت ڪارڊ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي صحت واري پارلياماني ??يڪ??يٽري ڊاڪٽر نوشين حامد، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، قومي صحت واري وزارت جي جوائنٽ ??يڪ??يٽري محمد بشير کيتران، اداڪار فيصل قريشي ۽ ٻين شخصيتن پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٽي بي جي خاتمي جي ??اءِ ڪئي وي??دڙ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو. صدر تقريب ۾ صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن کي شيلڊ ڏنيون.