اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي، پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ انهن جي آزادي کي حاصل ڪرڻ تائين ڪنهن به قرباني کان پا??و نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ڏينهن آهي، جنه?? کي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو ڏينهن آهي، ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون سڀئي سياسي پا??ٽيون، ادارا ۽ سڄي قوم هڪ زبان آهي. ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي گڏيل قومن جي انساني حقن جي تنظيم?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته انتها پسند ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۾ تبديلي ڪري انساني حقن جي پا??مالين جي بدترين مثالون قائم ڪندي لکين ڪشميري?? کي انهن جي بنيادي حق کان محروم ۽ نظربند ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسند ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هندوئن جي نوآبادڪاري جي سازش کي فروغ ڏئي رهيو آهي ته جيئن والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، صادق سنجراڻي چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم ۽ زيادتي ۽ انساني حقن جي بدترين پا??مالين سان نه رڳو ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ٿيو آهي پر انهن جي غير قانوني قدمن تي آواز اٿي رهيا آهن، ڀارت جي موجوده حڪومت نه رڳو ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پر ڀا??ت ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جا ادارا، تنظيمون ۽ جمهوريت پسند ملڪ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرن جي خواهشن موجب حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.