اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ??ينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي ??ينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ??والي س??ن ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفدن جي ??هولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??يرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته ا?? صبح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ??اڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي ??ورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌ??ڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪر?? چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي ??لاف اسان جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي ??لاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??صوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي ??هولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.