اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ۽ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪي آهي. سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪ??رٽ تي آهن، اميد آهي ته عدالت سڳوري سمورين شاهدين کي ڏسي ڪري هميشه جيئان عوام سان انصاف ڪندي. عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪ??داسين، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪ??و آهي ۽ ڪندا رهنداسين. اهڙو اظهار هن سپريم ڪ??رٽ ٻاه??ان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته 27 مارچ تي عم??ان خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جل??و ڪيو، عوام حق جو ساٿ ڏنو ۽ باطل کي رد ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن وارن پاڪستان ۽ عم??ان خان خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن غداري نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ثابت آهي، اسان جا ڦري ويل ميمبر به ان سازش ۾ شامل آهن. جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اپوزيشن بار بار چئي رهي هئي ته اليڪشن ڪرايو ۽ هاڻي هي ماڻهو اليڪشن کان ??را?? ڇو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي سڏائي وئي آهي، ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به طلب ڪري رهيا آهيون، اسان نئين اليڪشن جي تياري طرف وڃي رهيا آهن. پيپلز پارٽي، (ن) ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين سياسي پارٽين مان ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندا. عليم خان جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عليم خان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا. تحريڪ انصاف ۾ هوندي کيس اهي ڳالهيون ڇو نه ياد آيون پارٽي ڇڏڻ بعد عليم خان کي اهي ڳالهيون ياد آيون آهن. الزام اشوز تي هوندا آهن ذاتيات تي لهڻ ٺيڪ ناهي، عم??ان خان جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي. ڪم ظرف ماڻهو ذاتيات تي ڳالهائيندا آهن. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته روزاني جي بنياد تي احتجاج ٿي رهيا آهن، عم??ان خان جي حياتي کي خطرو آهي.