اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻي سينٽرل جيل جي ??اض??ي رجسٽر جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ڏوهاري چار سال ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيلن ۾ رهيا. گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ ک??نپ??ءِ پنهنجي مختصر بيان ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان بيگناهن کي عزت ڏني ۽ سرخرو ڪيو آهي. الله تعاليٰ جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي قدرت جو اهو نظارو عوام کي ڏيکاريو آهي، ٻين کي رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پا?? خوار ٿي ويا آهن، هاڻي آئين ٽوڙيندڙ ۽ گهڙي چور جيلن ۾ ويندا.