اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ان??ن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها ??ڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، اط??اعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، اط??اعات واري وفاقي وزير، اط??اعات واري وفاقي ??يڪ??يٽري کي اط??اعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، ان??ن جون عمرون ۽ ان??ن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي، ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.