اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانو??ي ۽ هڪط??في قدمن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ڀارت جي ناظم الامور کي جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانو??ي ۽ هڪط??في قدمن کي واضح طور تي رد ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪي عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سان گڏوگڏ تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قرارادن جي خلاف ورزي آهي. ناظم الامور کي ڀارت پاران والاري علائقي جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي هڪط??في طور تي تبديل ڪرڻ ۽ وحشياڻي فوجي قبضي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ کنيل ناجائز قدمن تي س??ت احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. واضح رهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانو??ي ۽ هڪط??في قدمن کي ٽي س??ل گذري وڃڻ کانپوءِ به والاريل علائقي جي س??ت هٿياربند فوجي گهيراءُ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي ۽ انساني حقن جي صورتحال بدستور خراب ٿيندي پئي وڃي. والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهين قتل، نظربنديون، گرفتاريون، جعلي ڪيس ۽ سخت قانون ۽ بوگس ٽرائلز هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. پاڪستان نام نهاد تڪ بندي ڪميشن جي رپورٽ کي واضح طور تي رد ڪرڻ کي پڻ ورجايو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارت جعلي چونڊ سڌارن جي آڙ ۾ هڪط??في طور تي والاريل ڪشمير جي آبادياتي س??خت کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. ناظم الامور کي پاڪستان جي ان مطالبي کي ياد ڪرايو ويو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غيرقانو??ي ۽ هڪط??في قمن کي واپس وٺي، فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجو ??يرانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري، والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني قدمن کي روڪڻ سميت جعلي مقابلن، گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ ڪشميري نوجوانن جو ??دالت کان مٿانهون قتل بند ڪري، غيرقانوني طور تي نظربند ڪشميري نوجوانن ۽ سياسي قيادت کي آزاد ڪري ۽ حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي فرضي الزامن تحت ٻڌايل عمرقيد جي س??ا ۽ سمورن هٿ ٺوڪين ڪيسن کي واپس ورتو وڃي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ڪشمير مان 9 لک قابض فوجين جو ??نخل عمل ۾ آڻي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي س??پرستي ۾ منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم ذريعي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ ڏي جنهن جو ??ق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي.