سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آز??دي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري?? جي ام??گن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني ??ڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي اهو ??يص??و ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آز??دي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.