اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستا?? سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، م??صوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود ه??ا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هن مش??ل صورتحال ۾ عالمي برادري کي پاڪستا?? سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستا?? سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ويجهو آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مش??ل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پاڪستان جي هٿياربند فوج متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن مش??ل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري جنرل کي ان مقوعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران متاثرين جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.