اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس س?? او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند، ازبڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي ايس س?? او – سي ايڇ ايس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن سان گڏوگڏ ايس س?? او تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻيا خاص مهمان شرڪت ڪندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، مستقبل ۽ ترجيحن تي غور ۽ انهن جي وضاحت ڪري ٿو. سي ايڇ ايس ۾ ا??س س?? او جا اڳواڻ موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي انرجي سيڪيورٽي ۽ پائيدار سپلائي چين سميت اه?? عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪندا. اجلاس ۾ ا??ڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي به منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ وزيراعظم سي ايڇ ايس جي سائيڊ لائينز تي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي هڪ اه?? بين علائقائي تنظيم آهي. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ ايس س?? او شنگهائي اسپرٽ ۾ لکيل قدرن ۽ اصولن کي برقرار رکي ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد، گڏيل فائدي ۽ گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ شامل آهي. مجموعي طور تي ايس س?? او جا ميمبر ملڪ دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايس س?? او جي ايجنڊا، اقتصادي رابطن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. 2017ع ۾ ا??س س?? او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس س?? او جي مختلف مڪينزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.