اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، گورنرز ۽ ميڊيا کي لکيل خطن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي مهم ۾ انهن کي فعال شرڪت جي دعوت ڏيندي عورتن ۾ موذي مرض بابت پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ تعاون جي اپيل ڪئي آهي. صدر انهن کي هن سال ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي مهم ۾ فعال ۽ رضاڪاراڻي طور حصيدار بڻجڻ جي دعوت ڏني جنهن ۾ پٺتي پيل طبقن جي عورتن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو جتي عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ??ينسر جا اٽڪل هڪ لک نوان ڪيسز رپورٽ ٿين ٿا، جن مان اڌ عورتون دير سان تشخيص جي ??ري فوت ٿي وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته انهن قيمتي جانين مان 98 سيڪڙو کي پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص بابت آگاهي پيدا ڪري بچائي سگهجي ٿو. صدر ٻڌايو ته خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي قيادت ۾ گذريل چار سال جي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ??ينسر جي ??يسز جي شروعاتي رپورٽنگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ناليوارن صحافين جي نالي پنهنجي خطن ۾ هن گذريل چار سال دوران مسلسل تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن جي قدر ج??ڳي تعاون ۽ فعال حصيداري کانسواءِ مهم جي ??اميابي ممڪن نه هئي. هن ميڊيا پرسنز تي زور ڏنو ته اهي هن سال به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن ٽارگيٽ عورتن کي نيوز بليٽنز، خصوصي رپورٽس، ڊرامن، مارننگ شوز، مضمونن، ڪالم ۽ ايڊيٽوريلز جي ذريعي پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص جي بنيادي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. صدر عورتن کي تعليم ڏيڻ ۽ پاڻ تشخيص ۽ مرض بابت جلد پتو لڳائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن سال جي لاءِ ڪيترين ئي سرگرمين بابت به ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته هن سال جي آگاهي مهم پٺتي پيل طبقن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي عورتن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪندي. صدر انهن تقريبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ميڊيا عورتن کي پاڻمرادي معائني جي لاءِ آگاهي ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ٺوس آگاهي مهم شروع ڪري ۽ رضاڪاراڻي طور تي ڇاتيءَ جي ??ينسر ج?? جلد تشخيص سميت صحت بابت مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صحتمند خوراڪ جي اهميت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري. واضح رهي ته آڪٽوبر ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي جو مهينو آهي، ان دوران ڇاتيءَ جي ??ينسر ج?? اثرن، ان کان بچاءُ، جلد تشخيص ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي ٿي.