اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري ڪشميري اڳواڻ الطاف شاهه جي ڀارت جي قيد ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ناليواري ڪشميري اڳواڻ جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مودي ح??ومت ڪينسر جو مريض هجڻ جي ??اوجود کيس علاج جي ??هولت فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مودي جي ڀارت ۾ حراستي قتل معمول بڻجي ويا آهن. الطاف شاهه سيد علي گيلاني جو نياڻو هو.