خضدار – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر جان مينگل سان سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هباز شريف خضدار جي علائقي وڍ ۾ سردار اختر جان مينگل جي رهائشگاهه تي ويو ۽ س??دس چاچي سردار زاده مهرالله مينگل جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان ??وق??ي تي وفاقي وزير آغا حسن بلوچ، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳواڻ به موجود هئا.