اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان اسڪاٽ لينڊ يارڊ سميت جتان مرضي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ڪرائي، اسان جي شرط رڳو اها آهي ته عم??ان خان پاڻ جاچ ۾ شامل ٿيندو ۽ الزامن جا ثبوت فراهم ڪندو، پاڪستان جي عوام رڍون ٻڪريون نه آهن جو عم??ان خان ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ اهي ان کي سچ سمجهي وٺندا، اهو وقت ختم ٿي چڪو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عم??ان خان جي لانگ مارچ ۾ ڪالهه جي واقعي جي سمورين اتحادي پارٽين مذمت ڪئي، اسان پاڪستان جي سياسي ميدانن کي خوني ميدان بڻجڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي سياست اهڙي طرح جي واقعن کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست رت وهائي نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم شهباز شريف سڀ کان اڳ عم??ان خان جي لانگ مارچ تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي ته هو واقعي جي جاچ ۾ پنجاب ??ڪو??ت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪري. هن چيو ته بقول ڊاڪٽر، عم??ان خان کي چار گوليون لڳيون، ان جي ٽنگ جي هڏي ۾ فريڪچر ٿيو، ان افسوسناڪ واقعي ۾ هو زخمي ٿيو، عم??ان خان جو هڪ آپريشن به ٿيو آهي ۽ اڄ عم??ان خان صاحب کي ٽي وي تي ڏسي اطمينان ٿيو. هن چيو ته عم??ان خان شوڪت خانم جي وسيلن کي پنهنجي سياست جي لاءِ اهڙي طرح استعمال ڪيو جهڙي طرح هن فارن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪري خيرات جو پئسو پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان بيماري جي حالت ۾ به ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏيو، هي ڊ??امو ۽ ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ چاهي ٿو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عم??ان خان ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ عوام ان کي سچ سمجهي وٺندي، اهو وقت هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عم??ان خان جو نظريو رهيو آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو اهو سچ لڳڻ لڳي، هي پنهنجي ڪهاڻي اتان شروع نه ٿو ڪري جڏهن 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري کيس مڙهيو ويو هو، عم??ان خان پنهنجي چار سالن ۾ ملڪ ۾ معاشي تباهي ڪئي، غريب جو پيٽ ڪاٽيو، غريب کي غريب تر ڪيو، دوست ملڪ ناراض ڪيا، ان جي دور ۾ مافياز جو راڄ هو، اٽو، کنڊ، بجلي، گئس، دوائون چوري ڪري ڌاڙا هنيا ويا، عم??ان خان پنهنجي ڪهاڻي ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر نه ٿو ڪري. هن چيو ته عم??ان خان پنهنجي ڪهاڻي 7 مارچ کان شروع ڪري ٿو جڏهن هن بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف کي بند ڪمري ۾ تاحيات اڻڄاتل مدي جي لاءِ توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان موجب کيس 7 مارچ تي سائفر جي اطلاع ملي ته هن 8 مارچ تي ڇو نه ٻڌايو ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آهي؟ عم??ان خان کي جڏهن خبر هئي ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آهي ته هن اسيمبليون ڇو نه ختم ڪيون؟ ڇو چونڊن جو اعلان نه ڪيو، عم??ان خان پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ ادارن کي منٿون ڪندو رهيو. جڏهن ادارن فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ادارن جي ڪا مداخلت نه هوندي ته هي شخص ان جي خلاف ٿي ويو. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڊرامو رچايو، ان جو سائفر، آمريڪي سازش، ٻاهرئين ملڪ سازش، رجيم چينج جو بيانيو ناڪام ٿي ويو، آڊيو ليڪ ۾ عم??ان خان پاڻ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، هن پنهنجي مفاد خاطر سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، عم??ان خان جي اها ڪهاڻي ان جي زباني پاڪستان جي عوام ٻڌي آهي. هن چيو ته عم??ان خان سينيٽ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي چونڊن ۾ ضميرن جا سودا ڪيا، آڊيو ليڪ ۾ عم??ان خان چيو ته مون ٻه ميمبر خريد ڪري ورتا آهن ۽ ٻن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، عم??ان خان اهو به چيو ته غلط آهي يا صحيح آهي ان جي پرواهه نه ڪريو، ماڻهو خريد ڪريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ڪنهن سوداگيري ڪئي آهي ته اها عم??ان خان ڪئي آهي، عم??ان خان ضميرن جا سودا ڪيا ۽ ٻين تي الزام هڻندو رهيو. هن چيو ته عم??ان خان چوي ٿو ته مون کي خبر هئي ته مون تي قاتلاڻو حملو ٿيڻو آهي، عم??ان خان ڪڏهن چوي ٿو ته چئن ماڻهن منهنجي خلاف سازش ڪئي، پوءِ چوي ٿو ته چار نه ٽي ماڻهو آهن، عم??ان خان بيانيو گهڙيو ته مون کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، عم??ان خان کي جيڪڏهن خبر هئي ته ان جي خلاف قاتلاڻي حملي جي سازش ٿي رهي آهي ته هن معصوم ماڻهن جي جانين جو نقصان ڇو ڪيو؟ جڏهن عم??ان خان کي خبر هئي ته اهڙي قسم جو واقعو ٿيڻو آهي ته پنجاب ??ڪو??ت کي ڇو نه ٻڌايو؟ مقتول معظم جا ٻار پنهنجي والد جو رت ڪنهن جي هٿ تي تلاش ڪن؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪالهه جي واقعي ۾ 14 ماڻهو زخمي ٿيا، عم??ان خان کي لڳندڙ چار گولين جي آپريشن به ٿي وئي، هو هوش ۾ به اچي ويو پر ان سان گڏ زخمي ٿيندڙ ٻيا 14 ماڻهو شوڪت خانم اسپتال ۾ داخل آهن.؟ ڇا انهن ماڻهن وٽ پنهنجي علاج جي لاءِ خرچ آهي؟ وزيراعظم انهن ماڻهن جي لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو آهي پر عم??ان خان انهن ماڻهن جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو ڪهڙي اسپتال ۾ داخل آهن؟ عم??ان خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر تائين نه ڪيو. هن چيو ته عم??ان خان الزام هڻي رهيو آهي ته ٽن ماڻهن ان تي قاتلاڻي حملي جي سازش ڪئي، عم??ان خان الزام ته هڻي رهيو آهي پر ڪنهن قسم جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عم??ان خان اڳ ۾ به شهباز شريف تي ڪرپشن جا الزام هنيا، راڻا ثناءُ الله تي قتل جو الزام هنيو ۽ پرچو هيروئن رکڻ جو ڪاٽيو ۽ پوءِ هڪ ثبوت تائين پيش نه ڪري سگهيو. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عم??ان خان جو، گهرو وزير عم??ان خان جو، پوليس عم??ان خان جي، لانگ مارچ واقعو به پنجاب جي اندر ٿيو، جوابدار کي پنجاب پوليس گرفتار ڪيو، پنجاب جي پوليس جوابدار جو بيان رڪارڊ ڪرائي ميڊيا کي ريليز ڪيو، ان جي باوجود عم??ان خان چوي ٿو ته واقعي جي جاچ ان وقت تائين نه ٿي ٿي سگهي جيستائين ٽي ماڻهو استعيفيٰ نه ٿا ڏين. هن چيو ته واقعو پنجاب ۾ ٿئي ٿو جنهن جي ذميوار به پنجاب ??ڪو??ت آهي ۽ عم??ان خان استعيفيٰ اسان کان گهري رهيو آهي. هن چيو ته عم??ان خان واقعي جي جاچ دنيا جي ڪنهن به ايجنسي کان ڪرائي، پنجاب جي اندر فرانزڪ ليب کان ڪرائي پر جاچ ۾ پيش ??رو?? ٿئي. هن چيو ته ڪالهه جي واقعي کانپوءِ عم??ان خان ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪري علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ويو، پنجاب ??ڪو??ت جي ڪنهن اسپتال مان ميڊيڪو ليگل نه ڪرايو ۽ نه ئي ڪنهن جڳهه پوليس کي پهچ ۽ بيان ڏنو. هن چيو ته عم??ان خان ٻن چينلز جي ڪئميرائن آڏو اچي ويهي الزام هڻندو رهيو، عم??ان خان 8 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ ??ڪو??ت ڪري رهيو آهي، چار سالن تائين وفاق ۾ ??ڪو??ت ڪندو رهيو، هن پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف الزام هنيا پر هڪ ثبوت نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته عم??ان خان فرح گوگي، بشريٰ بي بي، ان جي ڌاڙن، زمينن ۽ هيرن جا سودا، ڪرپشن، فارن فنڊنگ تي پڙدو وجهڻ چاهيندو هو، توشه خانه جو رڪارڊ موجود آهي، رڪارڊ موجب عم??ان خان 5 ملين آمريڪي ڊ??لر ماليت جي هيرن جو سيٽ وصول ڪيو، عم??ان خان گهڙ??ءَ خريد ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي، ان جي وزيرن به توشه خان مان ڌارا هنيا، عم??ان خان 5 ملين ڊالر ماليت جو سيٽ فرح گوگي جي هٿان وڪرو ڪرايو. هن چيو ته عم??ان خان سائفر، فارن فنڊنگ، توشه خانه، مني لانڊرنگ جي ڪيسز ۾ مفرور آهي ۽ ٻين کي چور چوي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان جي واتان صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ليڪچر سٺو نه ٿو لڳي، سندس دور ۾ صحافت ڪارو دور ڏٺو آهي، هن چار سالن تائين صحافين تي پابنديون هنيون، مير شڪيل الرحمان کي جيل ۾ وجهي ميڊيا جو وات بند ڪرڻ جو پيغام ڏنو، صحافين جا قلم کسي انهن جا پروگرام بند ڪرايا، عم??ان خان کي عالمي صحافتي ادارن پريڊيٽر چيو. هن چيو ته عم??ان خان چوي ٿو ته ڇهه مهينن ۾ ان سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن سان ناهي ٿيو، ڇا عم??ان خان صاحب توهان جي ڌ??ءَ کي گرفتار ڪري توهان سان گڏ جيل ۾ بند ڪيو ويو؟ ڇا توهان جي پٽن کي گرفتار ڪري موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو ويو؟ هن چيو ته عم??ان خان ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي عزت خراب ڪري ٿو، عم??ان خان سمجهي ٿو ته هو عوام کي بيوقوف بڻائي وٺندو، ائين هرگز نه ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان تي قاتلاڻو حملو پنجاب ۾ ٿيو جتي ان جي پنهنجي ??ڪو??ت آهي ۽ هو استعيفيٰ شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ هڪ فوجي آفيسر کان گهري رهيو آهي. هن چيو ته عم??ان خان اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي گهرائي جاچ ڪرائي پر ان جاچ ۾ کيس پاڻ به شامل ٿيڻو پوندو، هو جيڪي الزام هڻي رهيو آهي انهن جو ثبوت به کيس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عم??ان خان ننڍڙين ننڍڙين ٽولين سان وفاق تي حملو ڪرائڻ چاهي ٿو، اڄ جا منظر ميڊيا تي ويا آهن اهي عم??ان خان جي فيٽف مان پاڪستان جي نڪرڻ جي خلاف جنگ آهي. هن چيو ته عم??ان خان شدت پسندي جي ذريعي ملڪ کي ورڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بشريٰ بي بي عم??ان خان جي سياست ۾ اسلامي ٽچ ڏيڻ جو چيو ۽ سياسي مخالفن کي غداري سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته پنجاب ??ڪو??ت قانون موجب ڪالهه جي واقعي جي جاچ ڪري. هن چيو ته عم??ان نيازي جو مقصد ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ نه پر هو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عم??ان خان پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهي ٿو، هو پوليس آفيسرن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، ان جي ڪارڪنن ٿاڻن ۾ ڌارا هنيا ۽ چيو ته عم??ان خان جي خواهش تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. هن چيو ته عم??ان خان جي خواهش تي پنجاب جو قانون نه هلندو، پنجاب جو قانون حقيقتن تي هلندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان جتان مرضي جاچ ڪرائي پر ان جاچ ۾ پيش ??رو?? ٿئي، جيڪي الزام هو هڻي رهيو آهي ان جو ثبوت ??رو?? ڏي. هن چيو ته عم??ان خان کي خبر آهي ته جيڪڏهن واقعي جي جاچ ٿي ته ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويندو. هن چيو ته عم??ان خان مذهب ڪارڊ کيڏڻ کان پاسو ڪري، هن ملڪ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، سياست ڪريو، سياسي ۽ ملڪ دشمني نه، هو ملڪ سان خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، جيڪو کڏو هو ٻين جي لاءِ کوٽي رهيو آهي ان ۾ پاڻ ڪرندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي انتهاپسندي، انتشار، عدم برداشت تي گڏجي ويهڻو پوندو، ملڪ انهن خطرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ گهيراءُ ڪيو ويو، هوٽلن جا شيشا ٽوڙيا ويا، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام انهن جي خطرناڪ راند جو حصو نه بڻجي، هي شخص پنهنجي پاگل پن ۽ ذهني مرض ۾ مبتلا آهي. هن 2014ع ۾ به سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ، پي ٽي وي تي حملا ڪيا ۽ هاڻي ٻيهر اهو ئي عمل ورجائي رهيو آهي. هن چيو ته عم??ان خان جو جتي دل ڪري ٿو جاچ ڪرائي پر ان جاچ جو حصو ??رو?? بڻجڻو پوندو، وفاق ان ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.