اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ??وام جي علاج ۽ سستي دوائن جي فراهمي لاءِ ڊاڪٽرن، دوا ٺاهيندڙن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ ويجهو تعاون ۽ اهم معاملن تي اتفاق ضروري آهي، ان سل??لي ۾ لاڳاپيل ادارن کي ايوان صدر جو تعاون حاصل رهندو. هن اها ڳالهه وفاقي محتسب جي دوائن بابت ڪميٽي جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفاقي محتسب محمد سلمان فاروقي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.