واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن جي پاڪستان هائ??س واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳ??پن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳ??پن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين کان جاري گهيراءُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.