اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي عمل جو فروغ ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن آساني فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ ۾ ڪورونا سبب مت??ثر صنعتي شعبي جي بحالي ۽ فروغ، حڪومت طرفان ڏ??ي ويندڙ سبسڊي جي بهترين ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي ??ون??ڙ غير ضروري حڪومتي خرچن جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏ??و وڃي، ايندڙ بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي به خصوصي ڌيان ڏ??و وڃي، صوبن جي مشاورت سان ترقياتي خرچن جي حوالي سان ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايندڙ مالي سال جي تجويز ڪيل بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو.